اسلام آباد – 21 – مئي (اي پي پي) قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر پارٽين مخالف ڌر اڳواڻ شهباز شريف جي قيادت هيٺ فلسطين جي حق ۾ 17 مئي تي ايوان مان منظور ٿيل قر??رد??د جي ڪاپي گڏيل قومن جي آفيس ۾ جمع ڪرائي، ان موقعي تي جي يو آءِ (ف) جو پ??رل??اماني اڳواڻ مولانا اسد الرحمان، اڳوڻو وزيراعظم راجا پرويز اشرف سميت سڄي مخالف ڌر پارٽين جا ڪيترائي ميمبر اسيمبلي ۾ موجود هئا، ميان شهباز شريف قر??رد??د جي نقل گڏيل قومن جي نمائندي جي حوالي ڪئي ۽ چيو ته اها قر??رد??د سڄي پاڪستاني قوم جي جذبن جي ترجماني آهي، گڏيل قومن جي نمائندي يقين ڏياريو ته سندن ج??با ۽ قر??رد??د جي مسودي کي گڏيل قومن جي مرڪزي آفيس تائين پهچايو ويندو ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي شهباز شريف جو چوڻ هو ته فلسطين تي اسرائيل پاران ظلم ڪيو ويو ۽ بمباري ڪئي وئي جنهن ۾ فلسطينن جو وڏو تعداد شهيد ٿيو، هن چيو ته مسجد اقصيٰ ۾ بربريت ڪئي وئي، تاريخ اهڙا غمگين منظر پهرين ڪڏهن نه ڏٺا، پ??رل??امينٽ متفقه قر??رد??د منظور ڪري عوام جي جذبن جي ترجماني ڪئي آهي.
قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر پارٽين شهباز شريف جي قيادت ۾ قرارداد جي ڪاپي گڏيل قومن جي آفيس ۾ جمع ڪرائي
مضمون کا ماخذ : تھور میگا ویز کی طاقت