اسلام آباد – 07 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شب??ي فراز چيو آهي ته پوري قوم مڇ سانحي تي ڏکويل آهي، مڇ سانحي تي سياست نه ڪرڻ گهرجي، ان مسئلي تي اسان سڀني کي هڪ ٿيڻ گهرجي، وزيراعظم عمران خان ڪو??يٽا ضرور ويندو ۽ مڇ سانحي جي متاثرين سان ملاقات ڪندو، اسان جي پهرين ترجيح آهي ته دهشتگردي جا واقعا آئنده نه ٿين. اهڙن خيالن جو اظهار هن نجي ٽي وي چينل جي ??رو??رام ۾ ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته پاڪستان جا دشمن ملڪ ۾ افراتفري جي صورتحال پي??ا ڪرڻ چاهين ٿا، بلوچستان ۾ گذريل ڏينهن 7 فوجي اهلڪارن کي شهيد ڪيو ويو، انهن جو ڪنهن برادري سان تعلق نه هو، ان طرح جي واقعن جو مقصد صرف ملڪ ۾ خوف ۽ بي يقيني جي صورتحال پي??ا ڪرڻ هوندو آهي، ان صورتح??ل ۾ اسان سڀني کي گڏجي اهو سوچڻ گهرجي ته ان سڄي صورتحال کي ڪهڙي طرح منهن ڏنو وڃي. هن چيو ته ڪو??يٽا جي علائقي مڇ ۾ ٿيندڙ واقعي تي وزيراعظم عمران خان ۽ پوري قوم ڏکويل آهي.
پوري قوم مڇ سانحي تي ڏکويل آهي، مڇ سانحي تي سياست نه ڪرڻ گهرجي: شبلي فراز
مضمون کا ماخذ : گونزو کی تلاش