اسلام آباد – 10 جون (اي پي پي) مواصلات وار?? وفاقي وزير مراد سعيد چيو آهي ته مسلم ليگ (ن) 2013ع ۾ اقتدار ۾ ايندي ئي پاڪستان اسٽيل ملز، پي آءِ اي، او جي ڊي سي ايل، بجلي ورڇ ڪندڙ ڪمپنين سميت ٻين 41 ادارن کي نجڪاري جي فهرست ۾ وڌو، پي آءِ اي جو خسارو 500 ارب تائين پهچي ويو، اسان قو??ي ادارن ۾ سڌارن ذريعي خساري کي گهٽ ڪري ع??ام کي رليف ڏيڻ چاهيون ٿا، سمنڊ پار پاڪستاني اسان جو قيمتي اثاثو آهن، مخالف ڌر جيڪڏهن انهن کي ڪورونا سان ڳنڍيو ته ان تي سخت احتجاج ڪنداسين، تحريڪ انصاف جي حڪومت کي تباهه حال معيشت ورثي ۾ ملي پر ان جي باوجود اس??ن ڪورونا جهڙي وبا سان جنگ وڙهي رهيا آهيون. قو??ي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر پاران اٿاريل نقطن تي ڳالهائيندي مواصلات وار?? وفاقي وزير مراد سعيد چيو ته نجڪاري ۽ ادارن جي خساري واري معاملي تي انگ اکر موجود آهن، 2013ع ۾ مسلم ليگ (ن) جي حڪومت قائم ٿي، هن سڀ کان اڳ 41 ادارا نجڪاري جي فهرست ۾و ڌا، انهن ۾ پي آءِ اي جي نيويارڪ ۽ پيرس ۾ هوٽل، پي ايم ڊي سي، او جي ڊي سي ايل، پاڪستان اسٽيل ملز، پي آءِ اي ۽ بجلي ورڇ ڪندڙ ڪمپنيون شامل آهن.
اسان قومي ادارن ۾ سڌارن ذريعي خساري کي گهٽ ڪري عوام کي رليف ڏيڻ چاهيون ٿا: مراد سعيد
مضمون کا ماخذ : quina resultados anteriores