اسلام آباد – 08 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات، ??شريات، ??ومي تاريخ ۽ ادبي ورثي واري وفاقي وزير بئريسٽر سيد علي ظفر چيو آهي ته قومي اسيمبلي جو اجلاس گهرائڻ جي لاءِ سمري موڪلي ڇڏي آهي جنهن ۾ اجلاس 12 کان 14 آگسٽ جي وچ ۾ گهرائڻ جي تجويز ڏني وئي آهي، اسپيڪر، ڊپٽي اسپيڪر ۽ وزيراعظم جي چو??ڊ جي عمل جي لاءِ ٽي کان چار ڏينهن لڳي سگهن ٿا، اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان رزلٽ ٽرانسميشن سسٽم (آر ٽي ايس) فيل ٿيڻ تي حڪومت کي انڪوائري جي درخواست ڪئي آهي. هو سپريم ڪورٽ ٻاهران صحافين سان ڳالهائي رهيو هو. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير بئريسٽر سيد علي ظفر چيو ته آئيني گهرج آهي ته 15 آگ??ٽ تائين قومي اسيمبلي جو اجلاس گهرايو وڃي، رڳو اليڪشن ڪميشن پاران نوٽيفڪيشن جاري ڪرڻ جو انتظار آهي، جيڪڏهن اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان پاران 11 آگ??ٽ تي نوٽيفڪيشن ڪيو وڃي ٿو ته قومي اسيمبلي جو اجلاس 12 آگ??ٽ تي به گهرائي سگهجي ٿو، جيڪڏهن قومي اسيمبلي جو اجلاس 12 آگ??ٽ تي گهرايو وڃي ٿو ته ان ۾ نوان چو??ڊيل ميمبر اسيمبلي جو حلف، اسپيڪر، ڊپٽي اسپيڪر ۽ وزيراعظم جي چو??ڊ ٿيڻي آهي ان عمل جي مڪمل ٿيڻ ۾ ٽي کان چار ڏينهن لڳي سگهن ٿا.
قومي اسيمبلي جو اجلاس گهرائڻ جي لاءِ سمري موڪلي ڇڏي آهي: سيد علي ظفر
مضمون کا ماخذ : raspadinha resultados