پيرس -17 اپريل (اي پي پي)يورپ جي فل??يات ماهرن ڪهڪشائن ملڪي وي ۾ هن وقت تائين جو سڀ کان وڏو بلي?? هول دريافت ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي، جنهن جي ڪميت سج کان 33 ڀيرا وڌيڪ آهي ۽ اهو بلي?? هول زمين کان 2 هزار نوري سال جي مفاصلي تي واقع آهي. گارڊين موجب بلي?? هول جنهن کي Gaia BH3 جو نالو ڏنو ويو آهي يورپي خلائي ايجنسي گايا جيڪا ??لڪي وي جو نقشو تيار ڪرڻ لاءِ وقف آهي جنهن مشين ذريعي جمع ڪيل ڊيٽا جي تجزئي دوران بلي?? هول کي دريافت ڪيو آهي. بلي?? هول ان وقت دريافت ٿيو جڏهن سائنسدانن ان جي ويجهو گردش ڪندڙ هڪ ستاري جي غيرمعمولي لهردار حرڪت جو مشاهدو ڪيو. بلي?? هول ستارن جي زندگي جي پڄاڻي تي انهن جي ٽٽڻ سان پيدا ٿيندا آ??ن. ??سان جي ڪهڪشان ملڪي وي ۾ دريافت ٿيل بلي?? هول بي ايڇ ٿري هڪ غير فعال بلي?? هول آهي جيڪو پنهنجي ويجهي ترين ستاري کان به تمام گهڻو پري آهي. واضح رهي ته گايا جو مشن گذريل 10 سالن کان زمين کان 15 لک ڪلوميٽر جي مفاصلي تي ڪم ڪري رهيو آهي ۽ ان جي فراهم ڪيل ڊيٽا مان هڪ ارب 80 ڪروڙ ستارن جي پوزيشن ۽ حرڪتن ??و ٿري ڊي نقشو تيار ڪيو پيو وڃي.
يورپي فلڪيات ماهرن پاران ملڪي وي ۾ هن وقت تائين سڀ کان وڏو بليڪ هول دريافت ڪرڻ جي دعويٰ
مضمون کا ماخذ : لاٹری جیتنے کے طریقے