اسلام آباد- 25 ڊسمبر (اي پي پي) او پي اي?? گرلز ڪاليج ايف-8 (بوائز سيڪشن) ۾ ٻارن جي شخصيت، اقدار ۽ ڪردار سازيءَ کي اجاگر ڪرڻ، استادن ۽ مائرن جي قربانين کي خراجِ تحسين پيش ڪرڻ لاءِ هڪ خاص تقريب منعقد ڪ??ي وئي. تقريب ۾ اسڪول جي ٻارن جي مائرن ??ي خاص طور تي مدعو ڪيو ويو هو جنهن جو مقصد ٻارن ??ي نصابي سرگرمين سان گڏوگڏ غير نصابي سرگرمين ۾ اخلاقي قدرن ذريعي شخصيت ۽ ڪردار سازي اجاگر ڪرڻ سميت ان ۾ استادن ۽ ماءُ جي محبت ۽ قربانين جو احساس ڏيارڻ هو. تقريب کي خطاب ڪندي اسڪول جي پرنسپل بشريٰ بشير چيو ته اسڪول ۾ ٻارن جي تعليم ۽ تربيت سميت شخصيت ۽ ڪردار سازي، معاشرتي ۽ سماجي قدرن سان روشناس ڪرائڻ تي ڀرپور توجهه ڏني ويندي آهي ته جيئن هو مستقبل ۾ پنهنجي پيشيوراڻي ذميوارين کي نڀائڻ سان گڏوگڏ معاشري جو هڪ ذميدار شهري ثابت ٿين. ان موقعي تي سيڪشن انچارج ڊاڪٽر عروسه سهيل جو چوڻ هو ته اڄ جي جديد دؤر ۾ ٻار پنهنجي ثقافت ۽ اخلاقي قدرن ??ان پري ٿي رهيا آهن. استادن جي عزت ۽ احترام جيڪو ماضيءَ جي ڀيٽ ۾ خالي نظر اچي ٿو، ماءُ ۽ ٻار ۾ فاصلا وڌي رهيا آهن، ان ڪري ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته ٻارن ??ي سندن سماجي ۽ معاشرتي قدرن سان سڃاڻپ ڪرا??ي وڃي ته جيئن هو پنهنجي استادن ۽ والدين خاص ڪري پنهنجي ماءُ جي محنت، پُرخلوص جذبي ۽ قربانيءَ کي نه صرف سمجهن پر انهن جو دل سان قدر به ڪن. تقريب جي بهترين منعقد ٿيڻ تي پرنسپل بشريٰ بشير، وائيس پرنپسل طاهره ياسمين، ڪوآرڊينيٽر ڊاڪٽر عروسه سهيل ۽ ٻين استادن کي مبارڪ ڏيندي ان عزم جو اظهار ڪيو ته سندس اسڪول ٻارن جي تعليم ۽ تربيت، شخصيت ۽ ڪردارسازي ۾ پنهنجون اعليٰ پيشيوراڻي روايتون برقرار رکندو. تقريب ۾ ٻارن، استادن ۽ ماءُ جي ڪردار کي خراجِ تحسين پيش ڪرڻ لاءِ مختلف ٽيبلوز ۽ خاڪا پيش ڪيا ويا، جن کي شرڪت ڪندڙن ساراهيو. تقريب جي آخر ۾ ش????رد?? جي مائرن ??ي اسٽيج تي گُهرائي گلدستا پيش ڪيا ويا.
او پي ايف گرلز ڪاليج ايف-8 ۾ تقريب منعقد، ٻارن جي شخصيت، اقدار، ڪردار سازي، استادن جي قربانين کي خراجِ تحسين پيش
مضمون کا ماخذ : پاور بال کے نتائج