ماسڪو-28 نومبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق پنهنجي روس جي هم منصب ۽ ملڪ جي هيٺين ايوان اسٽيٽ ڊوما جي چيئر??ين ولوڊن وڪٽورووچ سان ملاقات ??ئي جنهن ۾ ٻطرفي پارلياماني ۽ اقتصادي لاڳاپن سميت گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ??ئي وئي. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر چيو ته پاڪستان روس سان پنهنجي پراڻي دوستاڻي لاڳاپن کي وڏي اهميت ڏي ٿو. ٻنهي ملڪن وچ ۾ لاڳاپا گڏيل احترام ۽ اعتماد تي ٻڌل آهن. سردار اياز صادق اسٽيٽ ڊوما جي چيئر??ين سان پنهنجي پراڻي دوستاڻي لاڳاپن جو حوالو ڏيندي روس جي دوري جي دعوت ڏيڻ ??ي ان جو ٿورو مڃيو. اسپيڪر سردار اياز صادق ايندڙ اسپيڪر ڪانفرنس ماسڪو ۾ ڪرائڻ جي تجويز پڻ ڏني. اسٽيٽ ڊوما جي چيئر??ين قومي اسيمبلي جي اسپيڪر جي تجويز سان اتفاق ڪيو. اسپيڪر ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ لاءِ آئنده اسپيڪر ڪانفرنس ۾ واپاري برادري کي به دعوت ڏيڻ جو چيو. اسپيڪر ڪانفرنس جو آئنده اجلاس 2025ع ۾ ماسڪو ۾ ٿيندو. ٻنهي اڳواڻن ملڪن جي پارليامينٽ وچ ۾ رابطن کي مستحڪم بڻائڻ ??ي اتفاق ڪيو. روس جي اسٽيٽ ڊوما ۽ پاڪستان جي ق??مي اسيمبلي وچ ۾ تعاون کي هٿي ڏيڻ جي اهم معاهدي تي صحيحون ڪيون ويون. معاهدي تي ق??مي اسيمبلي جي اسپيڪر ۽ اسٽيٽ ڊوما جي چيئر??ين صحيحون ڪيون. معاهدي تحت ٻنهي پارليامينٽ وچ ۾ پارلياماني ڪميٽين ۽ پارلياماني فرينڊشپ گروپس ذريعي تعاون کي وڌيڪ مستحڪم بڻايو ويندو. اسپيڪر سردار اياز صادق اسٽيٽ ڊوما جي چيئر??ين ۽ سندس وفد پاران والهاڻو استقبال ڪرڻ ۽ ميزباني تي ٿورا مڃيا. اسپيڪر پنهنجي روس جي هم منصب کي پاڪستان جي دوري جي دعوت ڏني. اسٽيٽ ڊوما جي چيئر??ين اسپيڪر جي دعوت قبول ڪندي جلد پاڪستان جو دورو ڪرڻ جي خاطري ڪرائي. ملاقات ۾ پاڪستان جو پارلياماني وفد ۽ اسٽيٽ ڊوما جا ميمبر به موجود هئا. اسٽيٽ ڊوما جي چيئر??ين اسٽيٽ ڊوما آمد ??ي اسپيڪر ۽ سندس وفد جو شاندار استقبال ڪيو.
قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق جي روس جي هم منصب سان ملاقات
مضمون کا ماخذ : گونزو کی تلاش