اسلام آباد-07 نومبر (اي پي پي)قانون، انصاف ۽ انساني حقن واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ جي ??دارت هيٺ 14 هين پاڪستان – يورپي يونين گڏ??ل ڪميشن جي ??جلاس جي ??يارين جي ??لسلي ۾ پهريون مشاورتي اجلاس منعقد ٿيو. پاڪستان– يورپي يونين گڏ??ل ڪميشن جون 14 هون اجلاس 19 کان 21 نومبر 2024ع تائين اسلام آباد ۾ منعقد ٿيڻ وڃي رهيو آهي. هلندڙ سال جي ??جلاس جو مقصد پاڪستان ۽ يورپي يونين وچ ۾ گڏيل دلچسپي جي ??عبن ۾ تعاون کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ آهي جنهن ۾ جمهوريت، حڪمراني، انساني حقن، اقتصادي ترقي ۽ واپار شامل آهن. ڪالهه خميس ڏينهن انساني حقن واري وزارت مان جاري ڪيل بيان موجب پاڪستان ۽ يورپي يونين وچ ۾ تعاون جي معاهدي تحت گڏ??ل ڪميشن جي ??وڙجڪ آرٽيڪل 16تحت ڪئي وئي هئي جيڪو هڪ ساليانو پليٽ فارم طور ڪم ڪري ٿو، جتي ٻئي ڌريون اهم شعبن ۾ ڳالهيون ڪن ٿيون. ان اجلاس دوران ٻنهي ڌرين گذريل اجلاسن جي نتيجن تي ٻڌل قدمن کي اڳتي وڌائڻ جي ??زم کي ورجايو. اجلاس دوران وفاقي وزير پاڪستان جي يورپي يونين سان مضبوط ۽ تعميري لاڳاپن کي هٿي ڏيڻ جي ??زم کي ورجايو. هن ان ڳالهه تي به زور ڀريو ته گڏ??ل ڪميشن هڪ اهم پليٽ فارم آهي جتي ٻئي ڌريون پنهنجي گڏيل هدفن کي حاصل ڪرڻ لاءِ کليل ۽ تعميري انداز ۾ ڳالهيون ڪري سگهن ٿا ۽انهن مسئلن تي ڌيان ڏئي سگهن ٿا جيڪي انهن جي ??طن تي اثر انداز ٿي رهيا آهن. اجلاس دوران پاڪستان ۽ يورپي يونين وچ ۾ حصيداري جي ??هم شعبن ۾ تفيصل سان خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.ان ۾ جمهوريت، حڪمراني ۽ انساني حقن ۾ بهتري لاءِ پاڪستان ۾ ڪيل سڌارن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي، جن جو مقصد شفافيت وڌائڻ ۽ ادارن کي مضبوط ڪرڻ آهي. ان سلسلي ۾ نيشن?? ايڪشن پلانز جي ??ڪميل، صحافين جي ??فاظت، صنفي برابري، عورتن ۽ ٻارن جي ??قن، اقليتي برادري جي ??فاظت ۽ عدليه جي ??زادي جهڙا اهم موضوع بحث هيٺ آيا. وفاقي وزير پاڪستان جي هاڻوڪن قدمن تي روشني وڌي جن جو مقصد گمراهه ڪندڙ ڄاڻ کي پکيڙڻ کان روڪڻ، ڊجيٽل حقن جو تحفظ ڪرڻ ۽ حساس ڪميونٽي جي ??قن کي يقيني بڻائڻ آهي. هن پاڪستان جي ??ن عزم کي ورجايو ته هو عالمي معيار موجب انهن قدمن کي اڳتي وڌائڻ لاءِ ڪم ڪندو، جڏهن ته پاڪستان جي ??قافتي ۽ سماجي قدرن جو احترام به ڪيو ويندو.
سينيٽر اعظم نذير تارڙ جي صدارت هيٺ 14 هين پاڪستان – يورپي يونين گڏيل ڪميشن جي اجلاس جي تيارين جي سلسلي ۾ پهريون مشاورتي اجلاس منعقد
مضمون کا ماخذ : مصر کی میراث