اسلام آباد – 28 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي ورثي ۽ ثقافت واري و??اق?? وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته پي ٽي آءِ جا ارادا پرامن احتجاج جا نه هئا، انهن سدائين لاشن تي سياست ڪئ?? آهي، ماضي ۾ پي ٽي آءِ عام شهرين جي جنازن تي پنهنجا جهنڊا هنيا، احتجاج جي حوالي سان سوشل ميڊيا تي ڪوڙيون خبرون ڦهلايون پيون وڃن، پولي ڪلينڪ ۽ پمز اسپتال پڻ سوشل ميڊيا تي گردش ڪندڙ سمورين افواهن جي ترديد ڪئ?? آهي، مظاهرين تي ڪا سڌي فائرنگ ناهي ٿي، جيڪڏهن فوتگيون ٿيون آهن ته ثبوت پيش ڪن، پي ٽي آءِ اندروني ڇڪتاڻ جو شڪار آهي، انهن جي احتجاج ۾ پارٽي قيادت گم هئي. منصوبابندي ۽ ترقي واري و??اق?? وزير احسن اقبال سان گڏ پرڏيهي ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي اطلاعات واري و??اق?? وزير چيو ته و??اق?? گادي واري شهر اسلام آباد گذريل ڪيترن ئي ڏانهن کان گهيري هيٺ هو، شرپسند گروهه اسلام آباد ۾ ا??ن خراب ڪرڻ چاهيندا هئا، اهڙي موقعي تي پرتشدد احتجاج ڪيو ويو جڏهن بيلاروس جو وفد پاڪستان جي دوري تي هو. هن چيو ته شرپسندن وٽ جديد ترين هٿيار هئا، انهن وٽ ڳوڙها آڻيندڙ گئس جا شيلز، پٿر ۽ گليل پڻ موجود هيون. اطلاعات واري و??اق?? وزير چيو ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جو حڪم هو ته ڪنهن به قسم جو ڪو احتجاج نه ٿيندو، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي حڪم جي خلاف ورزي ڪندي انهن شرپسندن ريڊ زون ۾ داخل ٿي تباهي مچائڻ جي ڪوشش ڪئ??. هن چيو ته اسان انهن کي سنگجاڻي ۾ احتجاج ڪرڻ جي آڇ ڪئ?? جتي پرامن طرقي سان احتجاج ٿي سگهيو پئي جڏهن ته پرامن احتجاج انهن جو ارادو نه هو. و??اق?? وزير عطاءُ الله تارڙ چيو ته ٻه ڏينهن اڳ هڪ فوٽيج جاري ڪئ?? وئي جنهن ۾ پيشيور ماڻهن کي فائرنگ، هٿيار، ڳوڙها آڻيندڙ گئس جا شيل، پيلٽ گنز جو استعمال ڪندي ڏسي سگهجي ٿو، شرپسندن جي حملن سان رينجرز ۽ پوليس اهلڪار شهيد ٿيا، انهن شهيدن جو رت ڪنهن جي هٿ ڳوليون؟ هن چيو ته سوشل ميڊيا تي ڪوڙو بيانيو ٺاهيو ويو ته رينجرز جي جوانن کي انهن جي پنهنجي ئي ماڻهن شهيد ڪيو. و??اق?? وزير چيو ته ڏوهاري جي سڃاڻپ ڪئ?? وئي آهي، ان جو تعلق ايبٽ آباد خيبرپختونخواهه سان آهي. هن چيو ته شرپسند اسلام آباد جو امن خراب ڪرڻ چاهيندا هئا، انهن جو ڪو عوامي مطالبو نه هو، اهي پنهنجي اڳواڻ کي آزاد ڪرائڻ چاهيندا هئا. اطلاعات واري و??اق?? وزير چيو ته سيڪيورٽي فورسز و??اق?? گادي واري شهر ۾ ا??ن قائم ڪيو، اسان 37 افغان شرپسندن کي گرفتار ڪيو. هن چيو ته افغانستان اسان جو دوست ملڪ آهي، اسان جا افغانستان دوستاڻا لاڳاپا آهن پر سوال پيدا ٿئي ٿو ته افغان شهري اسلام آباد ۾ سياسي پارٽي جي احتجاج ۾ ڇا ڪري رهيا هئا؟ و??اق?? وزير چيو ته 2013ع کان 2017ع تائين امن قائم ڪرڻ جي لاءِ وڏي پئماني تي آپريشن ڪيا ويا، خيبرپختونخواهه ۾ ا??ن واپس آندو، ڪراچي ۾ ا??ن واپس آندو، دهشتگردي جي واقعن ۾ گهٽتائي ٿي ۽ ان کانپوءِ باني چيئرمين پي ٽي آءِ جو دور شروع ٿيو جنهن پنهنجي دور ۾ طالبان کي واپس آندو جنهن جو ڪِيتو اڄ ڀوڳي رهيا آهيون، اڄ خيبرپختونخواهه ۾ دهشتگردي جي لهر جاري آهي ۽ وڏي وزير کي اتي امن امان ۾ ڪا دلچسپي نه آهي. هن چيو ته ڪرم ايجنسي ۾ 50 لاش ڪِريا ۽ هي اسلام آباد جو گهيراءُ ڪرڻ ۾ مصروف هئا. هن چيو ته ملڪ ۾ دهشتگردي جو ذميوار رڳو هڪ شخص آهي جيڪو تشدد کي فروغ ڏئي رهيو آهي. اطلاعات واري و??اق?? وزير چيو ته هي اها ئي پارٽي آهي جنهن مذهب کي هٿيار جي طور استعمال ڪيو، سعودي عرب جي خلاف بيان ڏيڻ جو انهن جو ڪهڙو مقصد هو؟ هي ملڪ جي عوام جي مذهبن جذبن سان کيڏڻ چاهين ٿا، اهي مذهب کي پنهنجي سياسي مقصدن جي لاءِ استعمال ڪرڻ چاهين ٿا. هن چيو ته شرپسندن ميڊيا هائوسز تي ڀڃ ڊاهه ڪئ?? جنهن جي مذمت ڪريون ٿا. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته پي ٽي آءِ اندروني ڇڪتاڻ جو شڪار آهي، انهن جي احتجاج ۾ ا??هن جي قيادت موجود نه هئي، عاطف خان، شهرام ترڪئي، اسد قيصر، حماد اظهر، شيخ وقاص اڪرم ڪٿي هئا؟ عليمه خان ۽ بشريٰ بي بي جي وچ ۾ اڳ ۾ ئي جهيڙو آهي. هڪ ٻئي سوال تي اطلاعات واري و??اق?? وزير چيو ته سوشل ميڊيا تي مظاهرين جي حوالي سان جعلي فهرست گردش ڪري رهي آهي، جيڪڏهن ڪا فوتگي ٿي آهي ته ثبوت پيش ڪن. هن چيو ته پي ٽي آءِ لاشن تي سياست ڪرڻ چاهي ٿي، ماضي ۾ ا??هن عام شهرين جي جنازن تي پي ٽي آءِ جا جهنڊا هنيا. هن چيو ته پولي ڪلينڪ ۽ پمز اسپتال ڪنهن به شخص کي گولي لڳڻ يا مارجڻ جي ترديد ڪئ?? آهي، اسپتال عملدارن سوشل ميڊيا تي گردش ڪندڙ سمورين افواهن جي ترديد ڪئ?? آهي، ميڊيڪل سپرنٽينڊنٽ، اسپتال انچارج ۽ صحت واري وزارت ان بابت لکت ۾ معلومات جاري ڪئ?? آهي. ان موقعي تي اطلاعات واري و??اق?? وزير پرڏيهي ميڊيا کي ڳوڙها آڻيندر گئس جا شيل ۽ بلور پن ڏيکاريا جيڪي هن پاڻ احتجاج جي جڳهه تان گڏ ڪيا. و??اق?? وزير چيو ته مون پاڻ احتجاج جي جڳهه تان ڳوڙها آڻيندڙ گئس جا شيلز، پٿر ۽ بلور کنيا، اهي سمورا ثبوت مون ڪنٽينر جي ٻئي طرف کان گڏ ڪيا. هن چيو ته ڪيترائي اهلڪار ان سان زخمي ٿيا. و??اق?? وزير چيو ته سيڪيورٽي ادارن پاران ڪنهن به قسم جو هٿيار استعمال نه ڪيو ويو، انهن وٽ ڪو ثبوت آهي ته پيش ڪن. هن چيو ته سياسي پارٽي پنهنجي هر ايونٽ جي وڊيو تيار ڪري ٿي، جيڪڏهن انهن وٽ سڌي فائرنگ جا ڪي ثبوت آهن ته سامهون آڻين. هن چيو ته هي مصنوعي ذهانت سان به ڪا وڊيو تيار نه ڪري سگهيا، اسان وٽ سي سي ٽي وي فوٽيجز آهن، انهن فوٽيجز ۾ سمورو رڪارڊ موجود آهي، سيڪيورٽي فورسز پاران سڌي فائرنگ ناهي ڪئ?? وئي.
پي ٽي آءِ جا ارادا پرامن احتجاج جا نه هئا، انهن سدائين لاشن تي سياست ڪئي آهي، ماضي ۾ پي ٽي آءِ عام شهرين جي جنازن تي پنهنجا جهنڊا هنيا، احتجاج جي حوالي سان سوشل ميڊيا تي ڪوڙيون خبرون ڦهلايون پيون وڃن: عطاءُ الله تارڙ
مضمون کا ماخذ : فنکی پھل