اسلام آباد-10 آڪٽوبر(اي پي پي) چين جي وزيرا??ظم جي پاڪستان جي دوري کان اڳ ٻنهي ملڪ?? وچ ۾ مختلف شعبن ۾ سهڪار کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ لاءِ هڪ جامع حڪمت عملي تيار ڪئي ويندي. چين جي وزيرا??ظم جو پاڪستان جو امڪاني دورو تمام گهڻو اهم آهي. دوري دوران ٻنهي ملڪ?? وچ ۾ نون معاهدن ۽ منصوبن تي صحيحين جو امڪان آهي جيڪي سي پيڪ کي نئين بلندين تائين پهچائڻ لاءِ مددگار ثابت ٿيندا. ميڊيا رپورٽن موجب گذريل ڏينهن وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال چين جي وزيرا??ظم جي امڪاني دوري کي نظر ۾ رکندي مختلف شعبن ۾ سهڪار کي هٿي وٺرائڻ جي حوالي سان منعقد ٿيل اجلاس جي صدارت ڪئي. ان اجلاس ۾ چين پاڪستان اقتصادي راهداري (سي پيڪ) تحت جا??ي منصوبن جي اڳڀرائي جو جا??زو ورتو ويو ۽ ٻنهي ملڪ?? وچ ۾ استحڪام تي زور ڀريو ويو. اجلاس ۾ سي پيڪ جي مختلف منصوبن جي رفتار جو تفصيلي جا??زو وروتو ويو جنهن ۾ توانائي، انفراسٽرڪچر ۽ صنعتي زونز جا ترقياتي ڪم شامل آهن. وفاقي وزير چيو ته چين سان زراعت، ٽيڪنالاجي ۽ صنعت سميت مختلف شعبن ۾ سهڪار کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ لاءِ هڪ جامع حڪمت عملي تيار ڪئي ويندي ته جئين ٻئي ملڪ گڏجي خطي ۾ اقتصادي ترقي ۽ استحڪام لاءِ ڪم ڪري سگهن. هن چيو ته سي پيڪ جي ٻئي مرحلي ۾ توانائي ۽ بنيادي ڍانچي جي منصو??ن سان گڏوگڏ صنعتي ترقي تي پڻ خاص ڌيان ڏنو پيو وڃي. احسن اقبال چيو ته ان فيز ۾ خاص اقتصادي زوز کي هٿي وٺرائڻ هڪ اهم هدف آهي جيڪو پرڏيهي سيڙپڪارن لاءِ وڌيڪ موقعا فراهم ڪندو.
چين جي وزيراعظم جو پاڪستان جو امڪاني دورو اهم آهي: وفاقي وزير احسن اقبال
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے اعداد و شمار