اسلام آباد – 22 – جولائي (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار جي صدارت هيٺ هڪ اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ اوورسيز پاڪستانين جي ڀلائي بابت ڪيترن ئي اهم معاملن تي غور ڪيو ويو. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب اجلاس ۾ پرڏيهي س??ڪر??ٽري، گهرو معاملن واري س??ڪر??ٽري، ڊي جي IMPASS ۽ پرڏيهي وزارت جي سينيئر عملدارن شرڪت ڪئي. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير کي گهرو س??ڪر??ٽري ۽ ڊي جي IMPASS پاران ٻاهرئين ??لڪ رهندڙ پاڪستانين کي ??قت سر پاسپورٽ جاري ڪرڻ جي سهولت بابت جامع بريفنگ ڏني وئي. اجلاس ۾ ٻاهرئين ??لڪ اسائلم جي خواهشمند ماڻهن جي لاءِ پاڪستاني پاسپورٽ جاري ڪرڻ کي معطل ڪرڻ واري 5 جون 2024ع جي سرڪيولر کي فوري طور تي وا??س وٺڻ جو فيصلو ڪيو ويو. نائب وزيراعظم کي خاطري ڪرائي وئي ته سمنڊ پار پاڪستانين جا پاسپورٽ 60 ڏينهن جي اندر جاري ڪيا ويندا.
نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار جي صدارت ۾ اعليٰ سطحي اجلاس، اسائلم جي خواهشمند ماڻهن جي لاءِ پاڪستاني پاسپورٽ جاري ڪرڻ کي معطل ڪرڻ وارو سرڪيولر واپس وٺڻ جو فيصلو
مضمون کا ماخذ : نتیجہ بہت زیادہ