اسلام آباد-19 جولاءِ (اي پي پي) صنعت، پيداوار، نيشنل فوڊ سيڪيورٽي اينڊ ريسرچ واري وفاقي وزير راڻا تنوير حسين چيو آهي ته ٽيڪس چوري کان بچڻ لاءِ ڪاٽن ا??نڊ جننگ انڊسٽري تي ٽريڪ اينڊ ٽريس سسٽم لاڳو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. قومي غذائي تحفظ ۽ تحقيق واري وزارت مان جاري بيان موجب اهڙو اظهار هن پاڪستان ڪاٽن ??نرز ايسوسيئيشن جي وفد سان ڳالهائيند?? ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ڦٽين جي ٻج ۽ ڪاٽن ??ي?? ڪيڪ تي وڌيڪ ٽيڪس جو معاملو بحث هيٺ آيو. وفاقي وزير راڻا تنوير حسين چيو ته ڪپهه جي صنعت سڀ کان وڌيڪ روزگار فراهم ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿي. ملڪ جي ڏيهي معيشت ۾ ڪپهه جي صنعت جو سڀ کان وڏو ڪردار آهي، ٽيڪس چوري کان بچڻ لاءِ ملڪ ۾ ڦُٽين جي ڳٺڙين جي پيدوار تي ٽريڪ اينڊ ٽريس سسٽم لاڳو ڪيو ويندو. هن چيو ته صوبائي حڪومت ذريعي ڪاٽن ڪنٽرول ايڪٽ کي حقيقي معنيٰ ۾ لاڳو ڪنداسين، ڪاٽن ??يڊ ۽ ڪاٽن ??ي?? ڪيڪ جي سيلز ٽيڪس ۾ جنرز کي رليف ڏيڻ جي تجويز کي غور هيٺ آندو ويندو، نون ٽيڪسن جو معامل?? فنانس ڊويزن ۽ ايف بي آر ڏانهن غور لاءِ موڪليو ويندو. ڪاٽن ??نرز ايسوسيئيشن جي وفد چيو ته ڳرن ٽيڪسن سان ڪاٽن ??ننگ انڊسٽري جي پيداوار متاثر ٿي رهي آهي، حڪومت ان ا??ڊسٽري جي ترقي لاءِ نوان لاڳو ڪيل سيلز ٽيڪس واپس وٺي، وڌيڪ ٽيڪسن سبب ٽيڪس چوري وڌڻ جو خدشو آهي. وفد جو چوڻ هو ته گذريل سيزن دوران ملڪ ۾ 8.4 ملين ڪپهه جون ڳٺڙيون پيدا ٿيون، حوصلي واري پاليسي سان 20 ملين ڳٺڙيون پيدا ڪري سگه??ن ٿيون.
ٽيڪس چوري کان بچڻ لاءِ ڪاٽن اينڊ جننگ انڊسٽري تي ٽريڪ اينڊ ٽريس سسٽم لاڳو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي: وفاقي وزير راڻا تنوير حسين
مضمون کا ماخذ : پریمیوس لوٹومینیا