اسلام آباد-08 فيبروري (اي پي پي)گهرو معاملن واري نگران وفاقي وزير ڊاڪٽر گوهر اعجاز چيو آهي ته عام چونڊن 2024ع لاءِ چونڊن واري ڏهاڙي تي سڄي ملڪ ۾ مجموعي طور تي امن اما?? جي صورتحال مستحڪم رهي. سيڪيورٽي فورسز قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ پوليس اهلڪار?? جي پختي لگن ۽ پيشيوراڻي مهارت جو اعتراف ڪريان ٿو. چونڊ?? جي پڄاڻي جي موقعي تي پنهنجي بيان ۾ گهرو وزير چيو ته فورسز ??ي پرامن چونڊون ڪرائڻ لاءِ وڏي تعداد ۾ مقرر ڪيو ويو جيڪو جمهوريت ۽ پاڪستا?? جي عوام سان انه?? جي وابستگي جو چٽو ثبوت آهي، انهن سمورن سيڪيورٽي اهلڪارن لاءِ خاص مبارڪون جن ووٽنگ جي عمل ??ي پرامن بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. گهرو وزير چيو ته سيڪيورٽي اهلڪار?? جي مقرري بلوچستان، خيبرپختونخوا، سنڌ ۽ پنجاب جي ڏورانهن علائقن ۾ به ڪئي وئي هئي جيڪي هر شهري جي پرامن ماحول ۾ پنهنجي ووٽ جي حق کي استعمال ڪرڻ کي يقيني بڻائڻ لاءِ اسا?? جي عزم جو ثبوت آهي. ڪجهه واقعن کانسواءِ مجموعي صورتحال ڪنٽرول ۾ رهي جيڪا اسا?? جي حفاظتي قدم?? جي افاديت کي ظاهر ڪري ٿي. ڊاڪٽر گوهر اعجاز چيو ته چونڊ عمل جي بهترين طريقي سان پڄاڻي اسا?? جي هٿياربند فوج، سول آرمڊ فورس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادار?? جي عوام ??ي پرامن فراهم ڪرڻ جي عزم جي نشاندهي ڪري ٿو جنه?? جي نتيجي ۾ هو بنا خوف ۽ خطري جي پنهنجو جمهوري حق استعمال ڪري سگهيا.
چونڊ واري ڏهاڙي تي سڄي ملڪ ۾ مجموعي طور امن امان جي صورتحال مستحڪم رهي: ڊاڪٽر گوهر اعجاز
مضمون کا ماخذ : آن لائن لاٹری کے انعامات