اسلام آباد – 01 – فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ر??س، اٽلي ۽ منگوليا سا?? واپاري، اقتصادي ۽ ثقافتي لاڳاپن ۽ عوامي رابطن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان غيرملڪي سيڙپڪارن کي سيڙپڪاري جا تمام گهڻا موقعا فراهم ڪيا آهن، انهن کي پاڪستان ج?? معيشت جي مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري ڪري ڪاروبار دوست ماحول مان فائدو کڻڻ گهرجي. صدر اهڙن خيالن ج?? اظهار ر??س، اٽلي ۽ منگوليا جي نامزد سف??رن سان ڳالهائيندي ڪيو جن ايوان صدر ۾ ساڻس جدا جدا ملاقات ڪئي ۽ پنهنجون سفا??تي سندون پيش ڪيون. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب پاڪستان ۾ روسي فيڊريشن ج?? نامزد سفير البرٽ پي خوريف سا?? ڳالهائيندي صدر پاران روس سا?? واپار، معيشت، سياحت ۽ ثقافت جي شعبن ۾ ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو. هن اميد ظاهر ڪئي ته نئون سفير ٻنهي ملڪن ج?? وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ڏيندو. پاڪستان ۾ اٽلي جي نامزد سفير ماريلينا ارميلن سا?? ڳالهائيندي صدر ٻنهي ملڪن ج?? وچ ۾ ٻطرفي واپار کي وڌيڪ وڌائڻ جي ضرورت تي روشني وڌي. هن چيو ته اطالوي سيڙپڪارن کي پاڪستان ۾ خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل تحت مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري جي موقعن مان فائدو کڻڻ گهرجي. هن چيو ته اٽلي ۾ رهندڙ پاڪستاني اٽلي جي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن ۽ ٻنهي ملڪن ج?? وچ ۾ پُل جو ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. هن اطالوي سفير کي پاڪستاني شاگردن کي ويزا جاري ڪرڻ ۾ تيزي آڻڻ ۾ مدد ڪرڻ جو پڻ چيو. پاڪستان ۾ منگوليا جي غيرمقيم سفير تووشين بدرا سا?? ڳالهائيندي صدر چيو ته ٻنهي ملڪن کي گڏيل مفاد جي لاءِ واپاري، اقتصادي ۽ ثقافتي لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي ضرورت آهي. صدر نئين مقرر ٿيندڙ سف??رن کي مبارڪباد ڏني ۽ ان اميد جو اظهار ڪيو ته اهي پاڪستان سا?? ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندا.
پاڪستان غيرملڪي سيڙپڪارن کي سيڙپڪاري جا تمام گهڻا موقعا فراهم ڪيا آهن: صدر ڊاڪٽر عارف علوي
مضمون کا ماخذ : estratégias para loteria