لاهور– 17 نومبر (اي پي پي) تعليم واري نگران وفاقي وزير مدد علي سنڌي چيو ??هي ته نگران وفاقي حڪومت فني تعليم جي تريق لاءِ ڀرپور ڪردار ادا ڪري رهي آهي. اسان کي پنهنجون سموريون صلاحيتون عوامي ڀلائي لاءِ ڪتب آڻڻ گهرجن. ملڪ کي معاشي طور مستحڪم ڪرڻ ل??ءِ فني تعليم کان سواءِ اسان وٽ ڪا ٻي واٽ ناهي بچي. هو ورچوئل يونيورسٽي ۽ نيشنل ووڪيشنل اينڊ ٽيچنگ ٽريننگ ڪميشن (نيوٽڪ) وچ ۾ مفاهمتي يادداشت تي صحيحن واري تقريب کي ??طا?? ڪري رهيو هو. ان موقعي تي ريڪٽر ورچوئل يونيورسٽي آف پاڪستان پروفيسر ڊاڪٽر ارشد سليم ڀٽي ۽ نيوٽڪ جو ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر محمد عامر جان معزز مهمان جي موجودگي ۾ يادداشت تي صحيحون ڪيون. تقريب ۾ تعليم ۽ انفارميشن ٽيڪنالوجي وزارت جي عملدارن سميت ورچوئل يونيورسٽي ۽ نيوٽڪ انتظاميه شرڪت ڪئي. نگران وفاقي وزير چيو ته وفاقي حڪومت ملڪ ۾ فني تعليم جي ترقي لاءِ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪري رهي آهي، اسان چاهيون ٿا ته نيوٽڪ ۽ ورچوئل يونيورسٽي گڏجي فني تعليم جو دائرو هر ننڍي وڏي وسندي ت??ئي?? کڻي وڃن.
نگران وفاقي حڪومت فني تعليم جي تريق لاءِ ڀرپور ڪردار ادا ڪري رهي آهي: مدد علي سنڌي جو ورچوئل يونيورسٽي ۾ تقريب کي خطاب
مضمون کا ماخذ : سائٹس de loteria confiáveis