هنزه – 13 – سيپٽمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ گل??ت ب??تس??ان ۾ بجلي جي مسئلن جي جلد کان جلد حل جي خاطري ڪرائيندي لاڳاپيل عملدارن کي گل??ت ب??تس??ان ۾ نجي شعبي سان گڏجي مقامي طور تي بجلي جي پيداوار ??ي حڪمت عملي جوڙڻ جي هدايت ڪئي آهي، نگران وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي گل??ت ۾ مواصلاتي نظام جي نئين سر تعمير ۽ بهتري جي لاءِ حڪمت عملي جوڙڻ جي پڻ هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ واديءَ هنزه جو دورو ڪيو. دوري ۾ نگران وزيراعظم هنزه جي سياسي قيادت، اڳواڻن ۽ سماجي شخصيتن سان ملاقات ڪئي ۽ قراقرم ايريا ڊيولپمينٽ آرگنائيزيشن جي منصوبي هنر کن جو دورو ڪيو. هنزه جي سياسي قيادت ۽ اڳواڻن نگران وزيراعظم کي هنزه ۾ بجلي جي بحران، ضلعي هنزه جي آبادي جي تناسب ??ي حساب سان گل??ت ب??تس??ان اسيمبلي ۾ اضافي سيٽن جي فراهمي ۽ ٻين مسئلن کان آگاهه ڪيو. نگران وزيراعظم وفد کي گل??ت ب??تس??ان ۾ بجلي جي مسئلي جي جلد کان جلد حل جي خاطري ڪرائي. نگران وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي گل??ت ب??تس??ان ۾ نجي شعبي سان معاهدن جي ذريعي مقامي طور تي بجلي جي پيداوار ??ي حڪمت عملي جوڙڻ جي هدايت ڪئي. ملاقات ۾ گل??ت ب??تس??ان جي سياسي قيادت نگران وزيراعظم کي سياحت جي شعبي کي درپيش مسئلن بابت آگاهه ڪيو. وفد نگران وزيراعظم کان گل??ت ب??تس??ان جي مختلف حصن کي هوائي سفر جي ذريعي ڳنڍڻ جو مطالبو ڪيو. نگران وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي گل??ت ۾ مواصلاتي نظام جي نئين سر تعمير ??ي حڪمت عملي جوڙڻ جي هدايت ڪئي. سياسي قيادت نگران وزيراعظم کان گل??ت ب??تس??ان ۾ اليڪشن قومي سطح جي اليڪشن سان گڏ منعقد ڪرائڻ جي درخواست ڪئي. نگران وزيراعظم چيف سيڪريٽري گل??ت ب??تس??ان کي هدايت ڪئي ته هو اجلاس ۾ بيان ڪيل مسئلن کي جلد کان جلد حل ڪرڻ ۾ سمورا وسيلا استعمال ۾ آڻي. ملاقات ۾ گل??ت ب??تس??ان جو اڳوڻو گورنر مير غضنفر علي خان، گل??ت ب??تس??ان اسيمبلي جي اڳوڻي ميمبر راني عتقيه، گل??ت ب??تس??ان اسيمبلي جو ميمبر ڪرنل (ر) عبيدالله بيگ، گل??ت ب??تس??ان اسيمبلي جي ميمبر دلشاد بانو ۽ ٻيون سياسي ۽ سماجي شخصيتون شامل هيون. بعد ۾ نگران وزيراعظم هنزه ۾ قراقرم ايريا ڊيولپمينٽ آرگنائيزيسن جي منصوبي ”هنر کن“ ۾ موجود ڪاڊو ڊيجيٽل هب ۽ خصوصي ماڻهن جي بحالي جي سينٽر جو دورو ڪيو. دوري دوران نگران وزيراعظم مقامي انتظاميا کي قراقرم ايريا ڊيولپمينٽ آرگنائيزيشن جي مقامي آبادي جي ڀلائي لاءِ خدمتن کي ساراهيو. دوري ۾ نگران وزيراعظم ڪاڊو هنر کن جي هوشيار فري لانسر شاگردن ۽ شاگردياڻين سان ملاقات ڪئي. نگران وزيراعظم چيو ته گل??ت ب??تس??ان جي نوجوانن ۾ گل??ت کي ترقي جي راهه تي گامزن ڪرڻ جي لاءِ ڪم ڪرڻ جو جوش ۽ ولولو انتهائي خوش آئنده آهي.
نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ پاران گلگت بلتستان ۾ بجلي جي مسئلن جي جلد کان جلد حل جي خاطري
مضمون کا ماخذ : prêmios raspadinha