لاهور – 24 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته حڪومت روانگي واپ??ر ۽ ٻاهرئين سيڙپڪاري ۾ اضافي جي لاءِ سم??را وسيلا ڪتب آڻي رهي آهي، جديد ٽيڪنالاجي اختيار ڪري روانگي واپار کي وڌائي سگهجي ٿو، نجي شعبن جي عوام جي لاءِ ڪوششون ساراهه جوڳيون آهن، صنعتي زون ۾ ريئل اسٽيٽ کي اجازت نه هوندي، اڳوڻي نالائق حڪومت ملڪي معيشت جو ٻيڙو غرق ڪري ڇڏيو، ٻيهر حڪومت ملي ته ملڪ کي معاشي حب بڻائينداسين. هن اهڙن خيالن جو اظهار گورنر هائوس لاهور ۾ لاهور ۽ شيخوپوره ۾ 3 صنعتي زونز جي پيڙهه جو پٿر رکڻ جي حوالي سان تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. ان ??وقعي تي پنجاب جو گورنر بليغ الرحمان، صوبائي وزير راڻا مشهود، چائنا سم??ت پرڏيهي سيڙپڪ??ر ۽ ٻيا پڻ موجود هئا. وزيراعظم محمد شهباز شريف اومبر اسپيشل اڪنامڪ زون، سندر گرين زون، سمارٽ اسپيشل اڪنامڪ زون جي پيڙهه جو پٿر رکڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته آئون اڄ صنعتي زونز جي پيڙهه جو پٿر رکڻ تي سم??رن شرڪت ڪندڙن کي دل جي گهراين سان ??بارڪباد ڏيان ??و خاص طور تي پرائيويٽ سيڪٽرز کي جن ملڪ ۾ انهن اڪنامڪ زونز قائم ڪرڻ جي لاءِ اربين رپين جي سيڙپڪاري جي ر??هه هموار ڪئي آهي. هن چيو ته آئون سمجهان ??و ته اهي عظيم ترقي ۽ خوشحالي جا منصوبا آهن جن سان روزگار جا نوان ??وقعا پيدا ٿيندا، پرائيويٽ سيڪٽرز جي عوام جي لاءِ ڪوششون ساراهه جوڳيون آهن. محمد شهباز شريف چيو ته پنجاب جي وڏي وزير محسن نقوي، پنجاب بورڊ آف انويسٽمينٽ اينڊ ٽريڊ جي سيڪريٽري ۽ چيفسيڪريٽري کي خراج تحسين پيش ڪريان ??و جن انهن منصوبن جي تياري جي لاءِ ڏينهن رات محنت ڪئي. وزيراعظم چيو ته وفاقي ۽ صوبائي حڪومتون انهن اڪنامڪ زونز جي لاءِ هر ممڪن سهولتون فراهم ڪنديون، صنعتي زون ۾ ريئل اسٽيٽ کي اجازت نه هوندي. هن چيو ته پرائيويٽ سيڪٽرز اڪنامڪ زون ۾ سيڙپڪاري جي لاءِ دلچسپي جو اظهار ڪيو آهي، معاشي منصوبن تي عملدرآمد سان ??لڪ کي خوشحال بڻائينداسين، اڳتي وڌڻ جي ر?? جو تعين ڪري ڇڏيو آهي، ان حڪمت عملي ۾ وفاقي حڪومت ۽ سم??ريون صوبائي حڪومتون شام?? آهن جڏهن ته انهن منصوبن کي مڪمل ٿيڻ سان ??وڪرين ۽ روانگي واپار کي فروغ ملندو. محمد شهباز شريف چيو ته پاڪستاني مصنوعات کي عالمي مارڪيٽ ۾ ڪامياب بڻائڻ جي لاءِ جديد طريقا استعمال ڪرڻا پوندا، روانگي واپار کي وڌائڻ جي لاءِ اسان کي ٻيڻي محنت ڪرڻي پوندي، وفاق ترقياتي منصوبن جي لاءِ سم??را وسيلا فراهم ڪندو، ترقي ڪرڻي آهي ته سڄي ملڪ ۾ اڪنامڪ زون ٺاهڻا پوندا. روانگي واپار کي وڌائڻو آهي ته جديد ٽيڪنالاجي اختيار ڪرڻي پوندي. هن چيو ته بجلي چوري ۾ اضافو اسان جي لاءِ تمام وڏو چئلينج آهي، ساليانو بجلي چوري جي مد ۾ اربين رپين جو نقصان ??ي رهيو آهي، جيستائين ان تي ضابطو نه ٿو اچي وڃي معيشت جو ڦيٿو نه هلندو. هن چيو ته بجلي جي چوري روڪڻ جي لاءِ هر ممڪن قدم کڻي رهيا آهيون، ايندڙ مهيني نگران حڪومت قائم ٿيڻ وڃي رهي آهي، اسان چاهيون ٿا ته اهڙو ڪم ڪري وڃون جو ايندڙ نگران حڪومت کي ڪا مشڪل درپيش نه ٿئي ۽ اها معيشت جي بهتري لاءِ عملي قدم کڻي سگهي ۽ وقت جو زيان به نه ٿئي. وزيراعظم چيو ته اسان اهم ضروري قدم کڻي ڇڏيا آهن جن کي جاري رکي نگران حڪومت مسئلن کي منهن ڏيندي. وزيراعظم چيو ته گذريل دور ۾ اسپيشل اڪنامڪ زون ۾ گهربل اڳڀرائي نه ٿي، 2018ع ۾ هڪ نااهل حڪومت جي اچڻ سان اسان جو شروع ڪيل ترقي جو سفر رڪجي ويو، هاڻي انشاءَالله ٻيهر ان ترقي جي سفر کي اتان کان شروع ڪنداسين، ماضي ۾ ٿيندڙ نقصانن جو ازالو ڪري اسان کي اڳتي وڌڻو پوندو، اسان کي ٻيهر حڪومت جو موقعو مليو ته ملڪ کي معاشي حب بڻائينداسين. محمد شهباز شريف چيو ته ترقي ڪرڻي آهي ته سڄي ملڪ ۾ اسپيشل اڪنامڪ زون ٺاهڻا پوندا، سولر ۽ پن بجلي منصوبن سان صنعت ۽ انڊسٽري کي ترقي ڏئي سگهجي ٿي جهڙي طرح اسان بهاولپور ۾ 400 ميگاواٽ جو سولر پارڪ ٺاهيو اهڙي طرح جا وڌيڪ پارڪ ٺاهڻا پوندا. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۽ آذربائيجان جي وچ ۾ پيٽروليم جي صنعت ۾ معاهدو ڪيو ويو آهي جنهن تحت حڪومت ڀائر ملڪ کان ??اهوار جي بنياد تي ايل اين جي جو هڪ جهاز خريد ڪندي، خريداري جو اختيار پاڪستان ??ٽ هوندو جنهن سان ايل اين جي نه خريد ڪرڻ تي ڏنڊ نه لڳندو جڏهن ته ان ??عاهدي سان ??لڪ ۾ سستي ايل اين جي ميسر ايندي ۽ انرجي جي بحران کي منهن ڏيڻ ۾ اها هڪ تمام وڏي اڳڀرائي ثابت ٿيندي. وزيراعظم چيو ته نار ملڪ پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جا خواهشمند آهن، جيڪڏهن اهي هتي سيڙپڪاري ڪندا ته انهن کي منافعو ملندو، پاڪستان ۾ پيداوار ۾ اضافي، نوڪرين ۽ روانگي واپار کي فروغ ملندو، ڀائر ملڪ قطر پاڪستان جي ترقي جي بحالي لاءِ ڪوششون ڪري رهيو آهي، قطر پاڪستان سان ايل اين جي معاهدن جي مڪمل پاسداري ڪئي، روانگي واپار کي وڌائڻ جي لاءِ انتهائي اهم قدم کنيا آهن جيڪي به سهولتون گهرجن حڪومت ڏيندي. هن چيو ته پاڪستاني مصنوعات کي عالمي مارڪيٽ ۾ ڪامياب بڻائڻ جي لاءِ جديد طريقا استعمال ڪرڻا پوندا، جلد ملڪ کي بحرانن مان ڪڍنداسين. واضح رهي ته اومبر اسپيشل اڪنامڪ زون 54 ايڪڙ تي ٻڌ?? آهي جنهن جي مڪمل ٿيڻ سان 10 هزار ماڻهن کي روزگار ملندو، سندر گرين زون 77 ايڪڙ تي ٻڌ?? آهي جنهن جي مڪمل ٿيڻ سان ??ڪ لک ماڻهن کي روزگار ملندو. هن چيو ته سمارٽ اسپيشل اڪنامڪ زون 75 ايڪڙ تي ٻڌ?? آهي جنهن سان 50 هزار ماڻهن کي روزگار جا موقعا ملندا.
حڪومت روانگي واپار ۽ ٻاهرئين سيڙپڪاري ۾ اضافي جي لاءِ سمورا وسيلا ڪتب آڻي رهي آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : سندھ لاٹری