اسلام آباد – 09 – فيبروري (اي پي پي) عالمي جوهري توانائي ايجنسي (آئي اي اي اي) جو ڊائريڪٽر جنرل رافيل ماريانو گروسي 15 کان 16 فيبروري تائين پاڪستان جو دورو ڪندو. اها ڳالهه پرڏيهي ??فيس جي ترجمان پريس بريفنگ ۾ چئي. هن چيو ته پنهنجي ٻن ڏينهن جي دوري دوران هو پرڏيهي ??يڪريٽري سان ملاقات ڪندو ۽ صحت، زراعت، صنعت ۽ بجلي جي پيداوار جي شعبن ۾ جوهري ٽيڪنالاجي جي مختلف ادارن جا ??ورا ڪندو. ترجمان چيو ته هي ??ورو پاڪستان ۽ آءِ اي اي اي کي سماجي ۽ اقتصادي ترقي جي لاءِ جوهري ٽيڪنالاجي جي پرامن استعمال ۾ تعاون کي اڳتي وڌائڻ جا ??ستا ڳولڻ جو موقعو فراهم ڪندو.
مضمون کا ماخذ : سمندری ڈاکو گولڈ