اسلام آباد -23 نومبر (اي پي پي) پاڪستان ۾ آمريڪا جي سفير ڊونلڊ بلوم چيو آهي ته پاڪستان ۾ ٻوڏ سبب ٿيل نقصانن جو ازالو مڪمل طور تي نه ٿي سگهيو، هر ملڪ موسمياتي تبديلي جي خطر?? جي ور چڙهيل آهي اهو ئي سبب آهي ته اسان هڪ سبز اتحاد جي قيام جي ذريعي پاڪستان ۾ موسيماتي تبديلي کي منهن ڏيڻ جي صلاحيت ۾ اضافي تي ڪم ڪري رهيا آهيون. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪوئيٽا جي دوري دوران هڪ تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. آمريڪي سفير ان موقعي تي بلوچستا?? جي وڏي وزير عبدالقدوس بزنجو سان پڻ ملاقات ڪئي. آمريڪي سفير صوبي ۾ موسمياتي تبديلي جي اثرن کي منهن ڏيڻ لاءِ ڪم ۾ مصروف مق??مي حصيدارن، اعليٰ تعليمي ادار?? جي نمائندن، مق??مي غير سرڪاري تنظيم?? جي اڳواڻن ۽ افغان پناهگيرن سان پڻ مليو. پنهنجي دوري جي موقعي تي هن پاڪستان ۾ موسيماتي تبديلي جي اثرن کي گهٽ ڪرڻ لاءِ مختلف شراڪتدارن تي مشتمل هڪ سبز اتحاد جي قيام تي خيال?? جي ڏي وٺ ڪئي. ان موقعي تي هن اعليٰ تعليم ۽ عورتن کي بااختيار بڻائڻ جي ذريعي معاشي ترقي جي فروغ لاءِ آمريڪا ۽ پاڪستان وچ ۾ مضبوط تعاو?? جي اهيمت کي پڻ اجاگر ڪيو. اسلام آباد ۾ آمريڪي سفارتخاني مان جاري ه?? پريس رليز موجب ڪوئيٽا ۾ سفير بلوم عوامي وڻڪاري مهم ۾ شرڪت ڪندي ه?? ٻوٽو پڻ لڳايو. واضح رهي ته هي سرگرمي مستقبل ۾ شهرن ۾ وڻ پوکڻ جي ه?? منصوبي جي ڪڙي آهي ۽ نوجوان ڪارڪن?? جي سربراهي ۾ شروع ڪيل هن منصوبي جو مق??د موسمياتي تبديلي کي منهن ڏيڻ، موسمياتي خطر?? جي باري ۾ آگاهي ۽ موسمياتي تبديلين خلاف معاشي لچڪ کي سگهه ڏيڻ ۽ هڪ اهڙو پليٽ فارم مهيا ڪرڻ آهي جتي وسيع معاشرتي ڀلائي لاءِ مختلف گروهن کي ويجهو آڻي سگهجي. تقريب کي خطاب ڪندي سفير بلوم چيو ته آمريڪي حڪومت بلوچستان سميت سڄي پاڪستان ۾ هلندڙ سال ٻوڏ سبب متاثر ٿيل ضرورتمند ماڻهن ۽ آبادين ۾ 9 ڪروڙ 70 لک ڊالر کان وڌيڪ ماليت جي امداد فراهم ڪئي آهي.
پاڪستان ۾ ٻوڏ سبب ٿيل نقصانن جو ازالو اڃان به مڪمل طور تي ناهي ٿي سگهيو: ڊونلڊ بلوم
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈز خریدیں