اسلام آباد – 20 – سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان ۾ خوفناڪ ٻوڏ جي متاثرين جي لاءِ ٻاهرئين ملڪن مان امدادي سامان جي اڏامن جي اچ?? جو سلسلو جاري آهي، هيستائين مختلف ملڪن مان 115 اڏامون امدادي سامان کڻي پاڪستان پهچي ويون آهن. پرڏيهي آفيس پاران جاري انگن اکرن موجب ٻوڏ متاثرين جي لاءِ گڏيل عرب امارات مان هيستائين مجموعي طور تي 41، ترڪيه مان 13، چين مان 4، ازبڪستان مان هڪ، قطر مان 4، فرانس مان هڪ، يونيسيف جون 3، گڏيل قومن جي پناهگيرن جي اداري (يو اين ايڇ سي آر) جي گڏيل عرب امارات مان ايندڙ 13 اڏامون، ترڪمانستان جي هڪ، اردن جي هڪ، عالمي خو??اڪ واري اداري جون 3، آمريڪا جون 21، برطانيا جي هڪ، نيپال جي هڪ، عمان جون 5 ۽ سعودي عرب جون 2 اڏامون امدادي سامان کڻي پاڪستان پهتيون آهن. امدادي اڏامن کانسواءِ ترڪيه جون 2 ٽرڪون ۽ ريل ??اڏيون، تاجڪستان مان 87 ٽرڪون ۽ عمان مان پاڻي جي هڪ جهاز ذريعي به امدادي سامان پاڪستان پهچي چڪو آهي.
ٻاهرئين ملڪن مان امدادي سامان جُون مجموعي طور تي 115 اڏامون امدادي سامان کڻي پاڪستان پهتيُون
مضمون کا ماخذ : لاٹری آن لائن