اسلام آباد – 25 – مئي (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري سعودي ع??ب جي پرڏيهي وزير شهزاده فيصل بن فرحان السعود سان ڊيووس ۾ عالمي اقتصادي فورم جي سالياني اجلاس جي موقعي تي ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب ملاقات ۾ مملڪتي وزير حنا رباني کر ۽ موسمياتي تبديلي واري وفاقي وزير شري رحمان موجود هيون. پرڏيهي وزير خادم الحرمين الشريفين شاهه سلمان بن عبدالعزيز و??ي عهد شهزاده محمد بن سلمان کي سندس دور انديش قيادت ۾ سعودي ع??ب کي ترقي جي نئين بلندين کي حاصل ڪرڻ تي خراج تحسين پيش ڪيو. ملاقات دوران ٻنهي ملڪن جي پرڏيهي وزيرن گذريل مهيني جده ۾ ٿيندڙ پنهنجي پهرين ڳالهه ٻولهه جو زڪر ڪندي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ بهترين ٻطرفي حصيداري تي اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ ان حصيداري کي گڏيل فائدي لاءِ مضبوط ڪرڻ جي ع??م جو اظهار ڪيو، ٻنهي پرڏيهي وزيرن ٻطرفي لاڳاپن جي مختلف رخن جو جائزو ورتو ۽ گڏيل دلچسپي جي علائقائي ۽ عالمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي، پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو ان ڳالهه تي زور ڏنو ته پاڪستان ۽ سعودي ع??ب جي وچ ۾ تاريخي ۽ گهرا ڀائراڻا لاڳاپا آهن جيڪي وقت جي ڪسوٽي تي پورا لٿا آهن، هن سعودي ع??ب جي پاڪستان جي مسلسل حمايت ۽ ڪشمير ڪاز تي ان جي مستقل يڪجهتي کي ساراهيو. ٻنهي پرڏيهي وزيرن سعودي ع??ب – پاڪستان لاڳاپن جي تزويراتي اهميت ۽ معيشت، واپار ۽ سيڙپڪاري سميت سمورن شعبن ۾ گڏيل تعاون کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي ع??م جو ورجاءُ ڪيو، ٻنهي پرڏيهي وزيرن عالمي مسئلن تي ٻنهي ڌرين جي وچ ۾ نظريات جي هڪجهڙائي جو ذڪر ڪندي او آءِ سي پليٽ فارم سميت اسرندڙ ملڪن جي وچ ۾ تعاون ۽ ه?? آهنگي کي بهتر بڻائڻ لاءِ گڏيل طور تي رستا ڳولڻ تي اتفاق ڪيو.
پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري جي سعودي عرب جي پرڏيهي وزير شهزاده فيصل بن فرحان السعود سان ملاقات
مضمون کا ماخذ : گونزو کی تلاش