اسلام آباد – 06 – اپريل (اي پي پي) پاڪستان تحريڪ انصاف جي وائيس چيئرمين ۽ اڳوڻي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته بي اعتمادي رٿ جي پويان منصوبابندي آهي جنهن کي قوم ڄاڻڻ چاهي ٿي، عدليه ان معاملي جي جاچ لاءِ جڊيش?? ڪميشن جوڙي سگهي ٿي. اهڙن خيالن جو اطهار هن پريس ڪانفرنس دوران ڪيو. هن چيو ته پرڏيهي وزارت جا عملدار ۽ سفارتڪار ايماندار ۽ سلجهيل آهن، هن چيو ته مخالف ڌر چئي رهي آهي ته بي اعتمادي رٿ جي معاملي تي آئين شڪني ٿي وئي، اسان کي آئين جو احترام آهي، بي اعتمادي رٿ پيش ڪرڻ مخالف ڌر جو حق آهي، ڊپٽي اسپيڪر بي اعتمادي رٿ کان انڪار ناهي ڪيو، هن ??قيق??ن جي بنياد تي رولنگ ڏني، اهو معاملو هاڻي سپريم ڪورٽ ۾ ٻڌڻي هيٺ آهي، هن چيو ته ٻي ملڪ مان موڪليل خط اصلي آهي، ابهام پيدا نه ڪيو وڃي، مخالف ڌر پارليماني سلامتي ڪيمٽي ۾ اسپيڪر جي دعوت جي باجود ڇو نه آئي، هن چيو ته ٽڪيٽن جا واعدا ۽ ضمير فروشي جي ڇا آئين اجازت ڏي ٿو. هن چيو ته بي اعتمادي رٿ جون ڪڙيون ڪٿي ته ملن ٿيون، ان جي پويان منصوبابندي آهي جنهن کي قوم ڄاڻڻ چاهي ٿي. هن چيو ته اندروني ۽ ٻاهرين ملڪ جن ماڻهن ??ان غير ملڪي سفارتڪار ملندا رهيا آهن ??نهن ??ي جاچ ٿيڻ گهرجي، ان معاملي جي جاچ لاءِ عدليه جڊيش?? ڪميشن جوڙي سگهي ٿي، هن چيو ته ان معاملي تي قومي سلامتي ڪميٽي جو موقف واضح آهي.
بي اعتمادي رٿ جي پويان منصوبابندي آهي جنهن کي قوم ڄاڻڻ چاهي ٿي: شاهه محمود قريشي
مضمون کا ماخذ : نمبروں دا میگا سینا