اسلام آباد – 16 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علو?? مارڪيٽ ضرورتن موجب خصوص?? ماڻهن جي هنر تائين پهچ وڌائڻ لاءِ بهت??ين عالمي طريقيڪار اختيار ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته سرڪاري ۽ نجي شعبا خصوص?? ماڻهن لاءِ نوڪرين جي 5 سيڪڙو ڪوٽا تي عملدرآمد يقيني بڻائين، خصوص?? ماڻهن کي روزگار ڏيڻ سان مالي شموليت وڌيندي ۽ کين قومي ڌارا ۾ شامل ڪري سگهبو. صدر اهڙن خيالن جو اظهار ايوان صدر ۾ خصوص?? ماڻهن جي پيشيوراڻي تربيت بابت اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. نيوٽيڪ چيئرمين س??د جاويد حسن ۽ اعليٰ عملدارن اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. خصوص?? ماڻهن کي مالي طور تي بااختيار بڻائن جي ضرورت تي زور ڏيندي صدر چيو ته سرڪاري کاتن، نجي شعبي ۽ غير سرڪاري تنظيمن کي انهن ماڻهن جي مخصوص مهارتن کي وڌائڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي، هن نيوٽيڪ کي چيو ته هو هنر کي فروغ ڏيڻ جي پنهنجي پروگرامن جي باري ۾ آگاهي پيدا ڪري ته جيئن ماڻهن ۽ خاص طور تي خصوص?? ماڻهن کي انهن مان فائدو کڻڻ جي ترغيب ڏئي سگهجي. صدر تربيتي ادارن تي زور ڏنو ته هو مارڪيٽ جي ضرورتن جو تعين ڪرڻ جي لاءِ بهت??ين شهريت رکندڙ قومي ۽ عالمي ادارن سان رابطا قائم ڪن. نيوٽيڪ چيئرمين س??د جاويد حسن اجلاس کي پنهنجي اداري پاران خصوص?? ماڻهن جي مهارت جي فروغ لاءِ کنيل قدمن جي باري ۾ آگاهه ڪيو، هن ٻڌايو ته نيوٽيڪ خصوص?? ماڻهن جي خصوصي تربيت جو اهتمام ڪيو آهي ۽ هن وقت تائين ملڪ جي مختلف حصن ۾ 318 خصوص?? ماڻهن کي پيشيوراڻي تربيت ڏئي وئي آهي. هن ان ڳالهه تي روشني وڌي ته سندن ادارو خصوص?? ماڻهن کي هنر ۽ روزگار ۾ سهولت ڏيڻ کانسواءِ انهن جي سکڻ جي وسيلن تائين پهچ کي وڌائن لاءِ ڪم ڪري رهيو آهي، صدر ملڪ جي نوجوانن ۽ خصوص?? ماڻهن کي هنرمندي جي فروع ۾ نيوٽيڪ جي ڪوششن کي سارهيو ۽ ان سلسلي ۾ پنهنجي تعاون جي خاطري ڪرائي.
سرڪاري ۽ نجي شعبا خصوصي ماڻهن لاءِ نوڪرين جي 5 سيڪڙو ڪوٽا تي عملدرآمد يقيني بڻائين: صدر
مضمون کا ماخذ : como jogar lotomania