اسلام آباد – 07 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ??ه يوڪرائن جي صورتحال سان اسرندڙ ملڪن ??ي بدت??ين معاشي اثر پوندا، هتي حالتن کي معمول تي آڻڻ ۽ فوري سيز فائر جي ضرورت آهي. وزيراعظم پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چيو ته هن يورپي يونين ڪائونسل جي صدر چارلس مائيڪل سان يوڪرائن جي صورتحال تي ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ فوجي تڪرار جاري رهڻ تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي ان جي اسرندڙ ملڪن ??ي بدت??ين معاشي اثرن تي روشني وڌي. هن فوري سيز فائر ۽ حالتون معمول تي آڻڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. هن انساني امداد جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته تڪرارن کي ڳالهه ٻولهه ۽ سفارتڪاري سان حل ڪرڻ جي ضرورت آهي، اسان ان ڳالهه تي پڻ اتفاق ڪيو ته پاڪستان جهڙا ملڪ ان صورتحال ۾ سهولتڪاري جو ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا. وزيراعظ?? چيو ته هو گڏيل مقصدن جي فروغ لاءِ ويجهي ??ابطي جو خواهشمند آهي.
مضمون کا ماخذ : جنگل کے راز