اسلام آباد – 14 R11; آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته بلوچستان جي ترقي حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي، حڪومت بلوچ نوجوانن کي قومي ڌارا ۾ شامل ڪرڻ ل??ءِ ترجيحي بنيادن تي قدم کڻي رهي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن بلوچستان جي وڏي وزير ڄام ڪمال سان ??الهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئ??. و??يراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ وزيراعظم کي بلوچستان پيڪيج تحت جاري ترقياتي منصوبن تي اڳڀرائي کان آگاهه ڪيو ويو. وزيراعظم عمران خان چيو ته بلوچستان جي ترقي، حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي. حڪومت بلوچستان لاءِ تاريخي پيڪيج جو اعلان ??يو. هن چيو ته بلوچستان جي افرادي قوت ملڪ جو اصل ثاثو آهي، حڪومت بلوچ نوجوانن کي قومي ڌارا ۾ شامل ڪرڻ ل??ءِ ترجيحي بنيادن تي قدم کڻي رهي آهي.
مضمون کا ماخذ : سٹاربرسٹ