اسلام آباد – 07 – آڪٽوبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته ??رط??نيه جي دوري دوران لنڊن ۾ ??رط??ن??ي هم منصب سان ملاقات ڪري ڪرڪيٽ ٽيم جي دوري جي هڪطرفي منسوخي جو معاملو اٿاريو هو، انگلينڊ ٽيم جو دورو بنا مشاورت جي ختم ڪرڻ سان نقصان ٿيو. پنهنجي بيان ۾ پرڏيهي وزير چيو ته مون ??رط??نيه جي دوري جي موقعي تي پنهنجي ??رط??ن??ي هم منصب سان ڪرڪيٽ ٽيم جي دوري جي هڪطرفي منسوخي جو معاملو اٿاريو هو، ??رط??نوي پرڏيهي وزير خاطري ڪرائي ته هو اسان جا خدشا ??رط??نوي ڪرڪيٽ بورڊ تائين پهچائيندو، انگلينڊ ٽيم جو دورو ڪ??نس?? ٿيڻ سان ٻنهي ملڪن جي ڪرڪيٽ جي شوقينن ۾ مايوسي هئي، شاهه محمود قريشي چيو ته انگلينڊ ٽيم جو دورو بنا مشاورت جي ختم ڪرڻ سان نقصان ٿيو، سرڪاري ٽي وي، عوام، پي سي بي سڀني جو نقصان ٿيو، ??رط??نوي پرڏيهي وزير چيو ته اها سندس حڪومت نه پر ڪرڪيٽ بورڊ جو فيصلو هو. شاهه محمود قريشي چيو ته ??رط??نوي پرڏيهي وزير خاطري ڪرائي ته هو اسان جا خدشا ??رط??نوي ڪرڪيٽ بورڊ تائين پهچائيندو، ان خبر مان لڳي ٿو ته پاڪستان جو موقف رجسٽر ٿيو آهي، هن چيو ته اسان جو مقصد سمجهائڻ هو ته اهڙا فيصلا ڪرڻ سان اثر پوندا آهن اهڙن فيصلن سان رانديگرن، شوقينن کي مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پوندو آهي، شاهه محمود قريشي چيو ته انگلينڊ ٽيم کي پنهنجو شيڊول ڏسڻ گهرجي ته هو ڪڏهن اچي سگهي ٿي.
برطانوي هم منصب آڏو ڪرڪيٽ ٽيم جي دوري جي هڪطرفي منسوخي جو معاملو اٿاريو هو: پرڏيهي وزير
مضمون کا ماخذ : الوہا کلسٹر ادائیگی کرتا ہے۔