اسلام آباد – 03 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سڄي ملڪ ۾ پوليو تي ضابطو آڻڻ لاءِ صوبائي چيف سيڪريٽرين ۽ 22 هائي رسڪ ضلعن جي ڊپٽي ڪمشنرن جي ورچوئل اجلاس جي صدارت ڪئي. وزيراعظم ميڊيا آفيس مان جاري بيان ??وجب انهن ضلعن ۾ پنجاب جا 3 ضلعا (لاهور، راولپنڊي ۽ فيصل آباد)، سنڌ جا 8 ضلعا (ڪراچي ڊويزن جا سمورا ضلعا ۽ قمبر)، خيبرپختونخوا جا 5 ضلعا (خيبر، بنون، پشاور، لڪي مروت ۽ ڏکڻ وزيرستان)، بلوچستان جا ??نج ضلعا (ڪوئيٽا، پشين، قلعه عبدالله، زوب ۽ مستونگ) ۽ اسلام آباد شامل آهن. اجلاس ۾ وزيراعظم جي خاص مددگارن ڊاڪٽر فيصل سلطان، ڊاڪٽر شهباز گل ۽ ٻين سينئر آفيسرن شرڪت ڪئي. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته الله جو شڪر آهي ته گذريل 6 مهينن ۾سڄي ملڪ ۾ پوليو جو ڪو به ڪيس رپورٽ ناهي ٿيو، وڌيڪ اها ڳالهه به قابل اطمينان آهي ته 2021ع ۾ صرف 14 سيڪڙو ماحولياتي نمونا مثبت ڏٺا ويا جيڪي گذريل سال 56 سيڪڙو هئا، ان ??اءِ في الحال اسان ??ٽ ملڪ مان ??وليو جي مڪمل خاتمي جو هڪ نادر موقعو آهي. ايندڙ 6 کان 12 مهينا ان حوالي سان انتهائي اهم آهن، وزيراعظم سمورن هاءِ رسڪ ضلعن جي ڊپٽي ڪمشنرن کي هدايت ڪئي ته هو ان ??وقعي مان ڀرپور فائدو کڻن ۽ پاڪستان کي پوليو جي لعنت کان ڇوٽڪارو ڏيارڻ ۾ سمورا وسيلا ??ست??مال ۾ آڻيندي وائرس کي هنگامي بنيادن تي منهن ڏنو وڃي.
وزيراعظم جي صدارت ۾ پوليو تي ضابطو آڻڻ لاءِ ورچوئل اجلاس
مضمون کا ماخذ : لاٹری ٹکٹ خریدیں