اسلام آباد – 29 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي و??ير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته افغانستان جي حوالي سان بريفنگ جا انتظام جلد ڪيا ويندا، ايئربيس جي حوالي سان پرڏيهي و??ير شاهه محمود قريشي ۽ پرڏيهي آفيس اڳ ۾ ئي پنهنجو تفصيلي م??قف ڏئي چڪا آهن، مخالف ڌر جلسن جلوسن بدران تعميري ۽ مثبت سرگرمين تي ڌيان ڏي. پنهنجي هڪ بيان ۾ اطلاعات واري وفاقي و??ير چيو ته مخالف ڌر جو چونڊ سڌارن کان ڀڄڻ انهن جي م??قف جي تضاد جي نشاندهي ڪري ٿو. مخالف ڌر حڪومت سان چونڊ سڌارن تي ڳالهه به نه ٿي ڪرڻ چاهي ۽ چونڊ سڌارا به چاهي ٿي. هن چيو ته مخالف ڌر ??نف??وز?? مايوس ۽ منتشر آهي، انهن جو رخ ۽ ارادا وکريل آهن. حڪومت بار بار مخالف ڌر ??ي دعوت ڏني ته اچو ۽ پارليامينٽ ۾ چونڊ سڌارن تي ڳالهه ڪريو. چوڌري فواد حسين چيو ته پي ڊي ا??م ۾ واضح تضاد آهي، هڪ ٽولو جلسا جلسا کيڏڻ چاهي ٿو، ٻيو پارليامينٽ جي ا??در ڳالهه ٻولهه جو بيان ڏي ٿو. هن چيو ته مولانا پنهنجي سياسي محرومي جو بدلو جمهوري نظام کان نه وٺي.
افغانستان جي حوالي سان بريفنگ جا انتظام جلد ڪيا ويندا: چوڌري فواد حسين
مضمون کا ماخذ : مڈاس گولڈ