اسلام آباد – 07 سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته بلاول ڀٽو ۽ سنڌ حڪومت ڪراچي پيڪيج بابت حقيقتن کي ٽوڙي مروڙي پيش ڪري ??هي آهي، ڪراچي پيڪيج تحت سمورن منصوبن جي سرپرستي وفاقي حڪومت ڪندي، 611 ارب وفاق ادا ڪندي جڏهن ته باقي فنڊز صوبائي حڪومت جي ذمي آهن، مسلم ليگ (ن) جي اعليٰ قيادت نيب جي سامهون ڀنل ٻلي بڻيل آهي ۽ ٻاهر نڪري ??رمندگي بيان ڪرڻ بدران ڪوڙ ڳالهائي عوام کي گمراهه ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي آهي، پنهنجي اڪائونٽس ڀريندڙن کي عوام ووٽ جي طاقت سان رد ڪيو آهي، تاريخ ۾ پهريون ڀيرو وفاقي حڪومت اهڙو صوبو جتي انهن جي حڪومت نه آهي ان جي ترقي ۽ خوشحالي ۾ دلچسپي وٺندي رڪيل منصوبن کي مڪ??ل ڪرڻ وڃي رهي آهي، ايف اي ٽي ايف بابت قانونسازي سان اهي ماڻهو پريشان آهن جنهن پاڪستان ۾ مني لانڊرنگ جو بنياد ??کيو، انهن ماڻهن جي ڪري پاڪستان کي ايف اي ٽي ايف جي گري لسٽ ۾ شا??ل ڪيو ويو، پارليامينٽ ۾ ملڪي مفاد ??ي خلاف راءِ ڏيندڙ دشمنن جو هٿيار سمجهيا ويندا ڇو ته ڀارت پاڪستان کي ايف اي ٽي ايف جي بليڪ لسٽ ۾ وجهڻ جي هر ڪوشش ڪري ڏٺي، اين آر او جي ڪا شڪل ناهي هوندي ??ر اهڙو ئي رليف هوندو آهي جنهن سان شخصتن کي قانون کان مٿانهون سمجهيو ويندو آهي، مخالف ڌر کي اين آر او ڏيڻ کان بهتر آهي ته پوري ملڪ جي جيلن کي کوليو وڃي ۽ ننڍو ڏوهه ڪندڙن کي به ايئن ئي آزاد ڪيو وڃي جيئن آزادي ??خالف ڌر گهري ??هي آهي. هو پي آءِ ڊي ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪري ??هيو هو.
بلاول ڀٽو ۽ سنڌ حڪومت ڪراچي پيڪيج بابت حقيقتن کي ٽوڙي مروڙي پيش ڪري رهي آهي: شبلي فراز
مضمون کا ماخذ : لاٹری ٹکٹ کے نتائج