لاهور – 18 جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفا??ي وزير سينيٽر شبلي فراز سان پي ٽي آءِ سينٽرل پنجاب جي صدر اعجاز احمد چوڌري ملاقات ڪئي، ملڪي سياسي صورتحال سميت ٻين اهم معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان موقع?? تي اطلاعات ۽ نشريات واري وفا??ي وزير سينيٽر شبلي فراز ڳالهائيندي چيو ته شهباز شريف جي ڪارن ڪرتوتن تان پردو کڄي چڪ?? آهي، ثابت ٿيو ته منظور پاپڙ واري جي اڪائونٽ کي شهباز شريف پنهنجي ٻه نمبري جي لاءِ استعمال ڪيو، وفا??ي وزير چيو ته پي ٽي آءِ جي حڪومت (ن) ليگ ۽ پيپلزپارٽي جي اڳوڻي ڪرپشن جي ڪري مشڪلاتن جي ڌٻڻ ۾ ڦاٿل پنهنجي ملڪ کي به ريسڪيو ڪري رهي آهي پر مخالف ڌر کي ان سان به پريشاني ٿي آهي، مخالف ڌر جي قسمت ۾ روئڻ لکجي چڪ?? آهي، عوام انهن ٻهروپن جي سياسي ڍونگ ۾ نه ايندي، اهي سڀ پنهنجي سياست جي ٻڏل ٻيڙي کي بچائڻ جي لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهن، عوام هاڻي باشعور ٿي چڪ?? آهي، اها ملڪ جو رت چوسيندڙن جي افراتفر?? تي ڌيان نه ڏيندي، انهن جون رڙيون رڳو ڦريل مال کي بچائڻ جي لاءِ آهن، پيپلزپارٽي ۽ (ن) ليگ جي قيادت سدائين ڦرلٽ کي اختيار ڪيو ۽ ملڪ کي نقصان پهچايو آهي.
سينيٽر شبلي فراز سان پي ٽي آءِ سينٽرل پنجاب جي صدر اعجاز احمد چوڌري جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : گنہر نا لوٹیریا