اسلام آباد – 06 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ماضي جي ڪنهن حڪومت ماحولياتي تبديلين جي حوالي سان ڳڻتي ظاهر نه ڪئي، پهرين حڪومت آهي جنهن ماحولياتي تبديلين جي روڪٿام لاءِ ٺوس قدم کنيا آهن، شهرن جي پکيڙڻ بدران اسان گهڻ ماڙ عمارتن جي تعمير ڏانهن وينداسين، حڪومت ۾ اچڻ اڳ منهنجو اهو عزم هو ته اقتدار ۾ اچي ماحولياتي تبديلي اولين ترجيح هوندي، اهو ئي س??ب آهي جو خيبرپختونخوا ۾ 2013ع ۾ حڪومت ۾ اچڻ کانپوءِ اسان بلين ٽري منصوبو شروع ڪيو، ان منصوبي جي آغاز دوران معلوم ٿيو ته ٽمبر مافيا هڪ وڏو مسئلو آهي جنهن تي ڪا به جهل پل نه آهي، 10 گارڊ ان مافيا جي هٿان ماريا ويا، گذريل 10 سالن ۾ لاهور ۾ 70 سيڪڙو وڻ وڍيا ويا، اهو ئي س??ب آهي جو لاهور آلوده ترين شهر آهي. ??هڙ?? خيالن جو اظهار هن اسلام آباد ۾ ٽن ڏينهن واري ستين ايشيائي علائقائي ڪنزرويشن ڪانفرنس جي افتتاحي سيشن کي خطاب ڪندي ڪيو.
اڳ ۾ ڪنهن حڪومت ماحولياتي تبديلين بابت ڳڻتي ظاهر نه ڪئي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : اسرار ریلز