اسلام آباد – 27 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان عالمي برادري تي زور ڏنو آهي ته اها والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ مظلوم ڪشميرين جي بنيادي انساني حقن جي احترام ۽ آزادي کي يقيني بڻائي ۽ ڀارت جي غيرذميواراڻن قدمن جي ڪري امن ۽ سلامتي کي خطرن کي روڪڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري، 5 آگسٽ 2019ع کان ڀارتي حڪو??ت پاران انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين جي انگ ۽ ان جي شدت ۾ اضافو ٿيو آهي، نام نهاد وڏي جمهوريت هجڻ جو دعويدار ڀارت جو اصل چهرو مڪمل طور تي بي نقاب ٿي چڪو آهي. ڪشمير جي ڪاري ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي هڪ پيغام ۾ وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته هن سال ڪشمير جو ڪارو ڏينهن جيڪو پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ ملهايو پيو وڃي، ماضي جي ڀيٽ ۾ مختلف ۽ نمايان آهي، 27 آڪٽوبر 1947ع ت?? ڀارت عالمي قانونن جي خلاف ورزي ڪندي ڄمون ۽ ڪشمير تي قبضو ڪيو ۽ 5 آگسٽ 2019ع تي وڌيڪ هڪ طرفن قدمن ذريعي اڳ ۾ ئي تڪراري علائقي جي حيثيت ۾ ترميمون ڪندي آبادياتي ڍان??ي ۽ سڃاڻپ کي تبديل ڪري ڇڏيو.
عالمي برادري ڪشميرين جي انساني حقن جي احترام کي يقيني بڻائي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : quina prêmio acumulado