اسلام آباد – 28 آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي احساس پروگرام ۽ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام پاران منصفاڻي ۽ غير سياسي حڪمت عملي جي پيروي کي ساراهين??ي چيو آهي ته معاشري جي اقتصادي طور تي ڪمزور ۽ پٺتي پيل طبقن کي سماجي تحفظ فراهم ڪرڻ رياست جي بنيادي ذميواري آهي. هن اها ڳالهه بي آءِ ايس پي هيڊڪوارٽرز جي دوري دوران احساس پروگرام ۽ بي آءِ ايس پي بابت بريفنگ جي صدارت ڪن??ي چئي. وزيراعظم جي خصوصي معاون ۽ بي آءِ ايس پي جي چيئرپرسن ڊاڪٽر ثانيه نشتر ۽ سينيئر عملدار ان موقعي تي مو??ود هئا. صدر انهن پروگرامن جي پهچ کي وڌائڻ ج?? لاءِ عوام جي سماجي ڀلائي جي شعبي ۾ ڪم ڪندڙ خانگي تنظيمن سان مو??ر رابطن جي ضرورت تي زور ڏنو.
مضمون کا ماخذ : جنگل کے راز