ٽوڪيو -15 نومبر (اي پي پي) انساني حقن جي عالمي تنظيم هيومن رائيٽس واچ چيو آهي، ته جاپان جي جيلن ۾ قيد عورتن سان ن??روا سلوڪ ڪرڻ کان علاوه ڳورهارين عورتن کي هٿڪڙيون هنيون وينديون آهن ۽ انهن کي پنهنجي کير پياڪ ٻارن کان پري رکيو ويندو آهي.سعودي سڌ سماءَ وارن ذريعن مطا??ق هيومن رائيٽس واچ جي نئين رپورٽ ۾ جاپان تي الزام لڳايو ويو آهي ڪنهن ڪنهن وقت ٻار پيدا ٿيڻ کان پهرين ۽ ان جي فوراً بعد انهن کي هٿڪڙيون لڳائي وينديون آهن ۽ بزرگ قيدين جي سار سنڀال لاءِ پڻ انتظ??م ناڪافي آهن. رپورٽ ۾ اهڙين 60 عورتن جا ??نٽ??ويوز به شامل ڪيا ويا آهن، جيڪي ان کان پهرين کان ئي اتي قيد آهن. رپورٽ ۾ جاپان جي انصاف واري وزارت جو موقف پڻ شامل ڪيو ويو آهي جنهن ۾ الزامن جي ترديد ڪئي وئي آهي ۽ چيو ويو آهي ته ٻارن کي کير پيئارڻ، ٻارن کي کڻڻ، انهن کي وهنجارڻ يا ڊائپرز وغيره جي تبديلي جي وقت جيل ۾ قيد عورتن کي ڪنهن به قسم جي پابندي کي منهن نه ٿو ڏيڻو پوي. انصاف واري وزارت طرفان اهو به پڻ چيو ويو آهي ته قيدي عورتن کي سموري طبي امداد فراهم ڪئي ويندي آهي.
جاپان جي جيلن ۾ قيد عورتن کي ناروا سلوڪ جو منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي: هيومن رائيٽس واچ
مضمون کا ماخذ : مردہ یا زندہ II