واشنگٽن -03 آگسٽ (اي پي پي ) آم??يڪا ۾ پاڪستان جي سفير مسعود خان اقتصادي ترقي ۽ ماحوليات جي آم??يڪي انڊر سيڪريٽري جوز ڊبليو فرنينڊس سان ملاقات ڪئي ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اقتصادي تعلق مضبوط بنائڻ لاءِ ڳالهيون ڪيون . آم??يڪي انڊر سيڪريٽري ٽويٽ ۾ چيو ته پاڪستاني سفير مسعود خان سان پاڪ آم??يڪا اقتصادي شراڪت داري کي مضبوط بنائڻ ۽ يو ايس پاڪستان گرين الائنس ذريعي ماحولي??تي تبديلين جي منفي اثرن خلاف مزاهمت جي قدمن ۽ ٽيڪنالوجي جي شعبي ۾ سيڙپڪاري بابت ڳالهه ٻولهه ڪئي هن چيو ته باهمي فائدهمند ترجيحات تي ملي ڪري ڪم ڪرڻ جا منتظر آهيون . پاڪستاني سفارتخاني پاران جاري ڪيل بيان موجب سفير گرم جوشي سان استقبال تي جوز ڊبليو فرنينڊس جو شڪريو اداڪيو هن پنه??جي ٽوئيٽ ۾ چيو ته پاڪستان ۽ آم??يڪا ملي ڪري واپاري ٽيڪنالوجي ، زراعت ، توانائي ۽ ماحولي??تي تبديلين جي خراب اثرن خلاف مزاحمت رکندڙ قدمن ۾ باهمي سهڪار کي هٿ?? ڏيڻ لاءِ ڪم ڪندو هن اميد ظاهر ڪئي ته پاڪساتن لاءِ آم??يڪا مان سڌي ريت ڏيهي سيڙپڪاري (ايف ڊي ائي ) راغب ٿيندي .
پاڪستاني سفير جي اقتصادي ترقي . توانائي ۽ ماحوليات جي آمريڪي انڊر سيڪريٽري سان ملاقات ، باهمي تعلق مضبوط ڪرڻ بابت خيالن جي ڏي وٺ
مضمون کا ماخذ : لاٹری کی پیشگوئی