نيويارڪ-17 آڪٽوبر (اي پي پي)گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل غزه ۾ شهرين خلاف تشدد ۽ دهشتگردي جي مذمت ۽ جنگ بندي بابت روس جي پيش ڪيل قر??رداد رد ڪري ڇڏي. سعودي خابرو اداري موجب گڏيل قومن جي 15 رڪني سلامتي ڪائونسل ۾ غزه ۾ انساني بنيادن تي جنگ بندي جو مطالبو ڪرڻ بابت روس جي قر??رداد گهربل 9 ووٽ حاصل ڪرڻ ۾ ناڪام رهي. قر??رداد جي مسودي جي حق ۾ 5 ۽ مخالفت ۾ 4 ووٽ پيا جڏهن ته 6 ميمبرن ووٽنگ ۾ حصو نه ورتو. روس سميت چين، متحده عرب امارت، موزمبيق ۽ گيبون قر??رداد جي حق ۾ جڏهن ته آمريڪا، فرانس، برطانيه ۽ جاپان قر??رداد جي مخالفت ۾ ووٽ ڏنو، البانيا، برازيل، ايڪواڊور، گهانا، مالٽا ۽ سوئٽزرلينڊ ووٽنگ ۾ حصو نه ورتو. روس جمعي ڏينهن مسودي جي متن جي تجويز پيش ڪئي جنهن ۾ قيدين جي آزادي، انساني همدردي جي بنياد تي امداد جي فراهمي ۽ شهرين جي نڪرڻ لاءِ محفوظ رستي جو مطالبو ڪيو ويو. روس جي نمائندي واسيلي نيبنزيا سلامتي ڪائونسل ۾ پنهنجي تقرير ۾ چيو ته ان مسودي جو مقصد انساني همدردي جي بنياد تي جنگ بندي جو مطالبو ڪرڻ آهي. هن چيو ته سلامتي ڪائونسل جي ميمبرن ان مسودي جي باري ۾ ڪا به تعميري تجويزش پيش نه ڪئي. روس جي نمائندي سلامتي ڪائونسل کي اولهه دنيا جي خود غرضي جو يرغمال قر??ر ڏنو. سلامتي ڪائونسل ۾ آمريڪي نمائندي لنڊا ٿامس گرين فيلڊ چيو ته غزه جي شهرين کي حماس جي قدمن جو نتيجو ڀوڳڻ گهرجي. آمريڪي نمائندي روس جي قدمن تي تنقيد ڪندي چيو ته قر??رداد جي مسودي ۾ حماس جي تحريڪ جو حوالو ناهي ڏنو ويو ۽ نه ئي ان جي مذمت ڪئي وئي آهي. هن چيو ته هي منافقت ۽ ناقابل دفاع جي پوزيشن آهي. برطانوي نمائندي چيو ته روس جي قر??راد جو مسودو ڪائونسل ۾ سنجيده اتفاق راءِ حاصل ڪرڻ جي سنجيدگي ڪوشش نه هئي، هن چيو ته اسان اهڙي قر??رداد جي حمايت نٿا ڪري سگهون جنهن ۾ اسرائيل خلاف حماس جي حملن جي مذمت نه هجي. ان موقعي تي فلسطيني نمائندي رياض منصور چيو ته سلامتي ڪائونسل فلسطينين جي قتل عام کي جائز قر??ر ڏي ٿي ۽ مقتول کي قصور وار بڻائي ٿي، اسان ڪنهن شهري جو قتل نٿا چاهيون، چاهي اهو فلسطيني هجي يا اسرائيلي. هن چيو ته اسرائيل غزه ۾ ڪنهن تي رحم نه ڪيو ۽ هو غزه ۾ قتل عام ڪري رهيو آهي ۽ مارجي ويلن ۾ وڌيڪ عو??تون ۽ ٻار آهن. ٻئي طرف گڏيل قومن ۾ اسرائيل جي نمائندي غزه تي حملي جو جواز پيش ڪيو ته اسرائيل جي جنگ جو مقصد غزه ۽ فلسطيني عو??م کي حماس ??ان بچائڻ ۽ حماس جي حراست هيٺ قيدين کي ڇڏائڻ آهي. گڏيل قومن ۾ اردن جي نمائندي عالمي برادري کي غزه جنگ جي ڌرين جي حوالي سان متفقه معيار اختيار ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڀريو، غزه ۾ اڳڀرائي تي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جو اجلاس 2 ڪلاڪ معطل رهڻ کانپوءِ روس جي قر??رداد جي مسودي تي ووٽنگ لاءِ اڱاري جي صبح ٻيهر شروع ٿيو، غزه تي سلامتي ڪائونسل جو اجلاس برازيل جي قر??رداد جي مسودي جي ڪمزوري سبب عرب ملڪن جي درخواست تي معطل ڪيو ويو هو، سفارتڪارن سومر تي ٻڌايو ته گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل بعد ۾ اسرائيل ۽ غزه جي حوالي سان مختلف تڪن طرفان قر??ردادن جي مسودي تي ووٽنگ ڪندي.
آمريڪا، فرانس، برطانيه ۽ جاپان جي مخالفت، سلامتي ڪائونسل غزه ۾ جنگ بندي بابت روس جي قرارداد رد ڪري ڇڏي
مضمون کا ماخذ : لوٹیریا علاقائی